قاضي محمدعلي ڏيٿو مٽياروي

قاضي محمدعلي ڏيٿو مٽياروي : ديني عالم ۽ بزرگ قاضي محمد علي ولد قاضي عزيز الله مٽياروي 1842ع ڌاري لنواري (ضلعي بدين موجوده) ۾ ڄائو. سندن والد وڏو عالم ۽ مفسر هو. هن ابتدائي طور عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم پنهنجي والد وٽان حاصل ڪئي. ظاهري علمن ۾ فقھ، حديث ۽ خطاطيءَ جي علمن تي کيس عبور حاصل هو. پنهنجي وقت جي عالمن ۾ سندس علمي بصيرت وڏي درجي واري هئي. هيءُ لنواري درسگاهه ۾ درس و تدريس لاءِ مقرر هو. هن ڪيترن ئي شاگردن کي ديني تعليم ڏني. قاضي صاحب 65 ورهين جي ڄمار ۾ 1904ع ڌاري وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو